پلي محمد صديق

پلي، محمد صديق: محمد صديق ولد محمد عمر پلي ڳوٺ ’سِگهَه‘، تعلقي کپري ضلعي سانگھڙ ۾ 1890ع ڌاري ڄائو. پاڻ هارپو ڪندو هو. تعليم ته نه پرائي هئائين، پر شعر جي ڏات حاصل هئس. بيت جو تمام سٺو شاعر هو. سندس بيت عام سنڌي شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ اچن ٿا. هو شاعريءَ ۾ قافين جي استعمال ۽ اسلوب بيان ۾ نواڻ جي لحاظ کان بيت جو بهترين عوامي شاعر ليکيو ويندو هو. سندس ڪلام مختلف ادبي تاريخن ۾ ته موجود آهي، پر سندس ڪو مجموعو ڇپجي نه سگهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو